پشاور جي مسجد ۾ ڌماڪو، 8 ڄڻا شهيد، سئو کان وڌيڪ زخمي

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ ڪوهاٽ روڊ تي مسجد اندر مدرسي جي مرڪزي هال ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا شهيد، جڏهن ته 112 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون.

اکين ڏٺن شاهدن موجب مدرسي جو ٻيو پيريڊ شروع ٿيڻ وارو هو ته اوچتو هال ۾ ويٺل کٿابين وچ ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي وقت هڪ هزار کان 12 سئو ماڻهو مدرسي ۾ موجود هئا.

ڌماڪي کانپوءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ 72 زخمين کي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 36 زخمين کي نصيرالله بابر ميموريل اسپتال، 2 زخمين کي خيبر ٽيچنگ اسپتال ۽ 2 کي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو ويو.

ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب اسان وٽ 7 ڄڻن جا مڙهه ۽ 72 زخمي آندا ويا آهن، شهيدن ۾ ڪو ٻار شامل ناهي، شهيدن جي عمر 20 کان 30 سالن جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 4 ٻار شامل آهن.

ترجمان جو چوڻ هو ته زخمين ۾ گهڻا سڙيل آهن ۽ 10 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ايس ايس پي آپريشنز موجب ڌماڪو ٽائم بم ذريعي ڪيو ويو، جڏهن ته ڌماڪيدار مادو ٿيلهي ۾ رکي مدرسي آندو ويو هو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي پر لڳي ٿو ته وڏي منظم طريقي سان اهو ڌماڪو ڪيو ويو.

هن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

مدرسي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي حوالي اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته ڌماڪي وقت مدرسي ۾ هڪ هزار کان 12 سئو ماڻهو موجود هئا، مدرسي جو ٻيو پيريڊ شروع ٿيڻ وارو هو ته هال ۾ ويٺل کٿابين وچ ۾ اوچتو ڌماڪو ٿيو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته شاگردن تي حملو ڪندڙن جو انسانيت سان ڪو واسطو ناهي، شهيدن جي وارثن سان دلي طور تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪيون ٿا.

خيبر پختونخواهه جي آءِ جي پوليس ثناءُ الله عباسي ڌماڪي ۾ شهادتن جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته دهشتگردي جي حوالي سان عام ٿريٽ موجود هو.

هوڏانهن ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سيڪيورٽي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس گهرائي ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.