بڪيراشريف ۽ ڀرپاسي هر طرف گندگي جا ڍير لڳي ويا

بڪيراشريف (ن ع آ) بڪيراشريف ۽ ڀرپاسي بلدياتي نظام پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ کان پوءِ بڪيراشريف شهر مڪمل طور تي گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، شهر جي مختلف پاڙن ۾ گندگي پکڙيل آهي جڏهن ته گهٽين ۾ گندو پاڻي پڻ بيھجي ويو، جنهن ۾ خاصخيلي پاڙو، دل ملاح پاڙو، لنڊ پاڙو، جئي شاھه پاڙو، پير بقادار شاھه ۽ درگاھه پاڙو سميت اڪثر پاڙن جون ناليون ابتيون ھلڻ لڳيون، بلدياتي نظام ختم ٿيڻ کان پوءِ يونين ڪائونسلز ۾ مختيارڪار کي ايدمنسٽيٽر مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته يونين ڪائونسل بڪيراشريف ۾ مقرر ٿيل ايدمنسٽيٽر اعجاز بوزدار پاران يونين ڪائونسل بڪيراشريف کي مقرر طور نظر انداز ڪري ڇڏيو. چارج وٺڻ بعد هڪ ڀيرو وزٽ ڪرڻ بعد يونين ڪائونسل کي وساري ڇڏيو. بڪيراشريف جي شهرين طرفان ڊي سي ٽنڊي الهيار رشيد احمد زرداري کان گهر ڪئي آهي ته شهر اندر ڊيلي ويجز تي صفائي جو عملو مقرر ڪري نالين جي صفائي ڀل صفائي ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.