ڪڍڻ ۾ دوائن جي هٿرادو کوٽ خلاف ايس ٽي پي جو مظاهرو

ڪڍڻ (ن ع آ ) شھر ڪڍڻ ۾ شراب، چرس، سفينا ۽ ٻئي منشيات جي وڪري ۽ بيسڪ ھيلٿ سينٽر ڪڍڻ ۾ دوائن جي ھٿرادو کوٽ خلاف ايس ٽي پي ڪڍڻ جي اڳواڻن ممتاز علي جت, ڪفايت سنڌي , لکاڏنو خاصخيلي, مصطفي جمالي, ممتاز ملاح, ربنواز, غلام نبي بجير, ميوو مل ۽ ٻين جي جي اڳواڻي ۾ اڄ ٽي ڏينھن به ڪڍڻ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي ويئي , انھيء موقعي تي ھنن چيو ته شھر ڪڍڻ ڏوھن ۽ منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو آھي ۽ پوليس جي سرپرستي ھيٺ کلي عام منشيات جو ڪاروبار جاري آھي جنھن سبب ننڊڙن ٻارڙن ۽ نوجوان نسل ۾ تباھي اچي ويئي آھي ھنن اھو پڻ چيو ته رورل ھيلٿ سينٽر ڪڍڻ ۾ دوائن جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ھتان جي غريب عوام کان صحت جون سمورين سھوليتون کسيون پيون وڃن، اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.