اوٻاوڙو لڳ ٻن ڌرين ۾هلندڙ تڪرار تان نينگر زخمي

اوٻاوڙو( ن ع آ )  ڪچي واري علائقي ۾ شر سيلرا خوني تڪرار ٻيھر ڪر کنيون ڳوٺ بيا ڀرسان سيلرا برادري جي هٿياربندن ۽  شر برادري جي ھٿيار بندن ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي ٻنهي ڌرين جي فائرنگ جي نتيجي ۾  مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ آيل ڪشمور واسي فريد شر، پٽ غلام مصطفي شر گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو ھوڏانھن ڌرين زخمي نوجوان فريد شر قبيلائي تڪرارن سبب اسپتال نه پهچي سگهيو زخمي واقعي واري ھنڌ پيل  هوڏانهن رائوتي پوليس جو چوڻ آهي ته هي واقعو  پنجاب جي ٿاڻي ماڇڪو جي حد ۾ ٿيو آھي ڌرين ۾ فائرنگ بند ڪرڻ لاءِ پوءِ ڪوشش ڪيون پيا ھوڏانھن ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي . جڏهن ته علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ٻئي ڌريون مورچا بند اڃان وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.