وزير اعظم اسلام مخالف مواد هٽائڻ لاءِ فيس بڪ باني کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان اسلام مخالف مواد هٽائڻ لاءِ فيس بڪ جي باني مارڪ زڪر برگ کي خط لکي ڇڏيو.

تفصيل موجب وزير اعظم فيس بڪ جي باني جي نالي خط ۾ لکيو آهي ته فيس بڪ جيان اسلام مخالف مواد تي به پابندي لاڳو ڪري، اسلاموفوبيا مخالف  مواد سوشل ميڊيا تي پکيڙيو پيو وڃي، اهڙو مواد نفرت، انتهاپسندي، تشدد جي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي.

وزير اعظم پنهنجي خط ۾ لکيو ته فيس بڪ طرفان هولوڪاسٽ تي تنقيد تي لڳل پابندي جي تعريف ڪيان ٿو، فيس بڪ هولو ڪاسٽ جيان اسلام مخالف مواد تي به پابندي لاڳو ڪري.

عمران خان فيس بڪ تي اسلاموفوبيا مخالف مواد جي نشاندهي ڪندي لکيو ته ماضي ۾ جرمن نازين جيڪو سلوڪ يهودين جي خلاف رکيو هو اڄ دنيا جي مختلف حصن ۾ مسلمانن جي خلاف اهڙي طرح جو معاملو ڏسي رهيو آهيان، بدقمستي سان مسلمانن کي لباس کان عبادت تائين جي زاتي چونڊ کان روڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ملڪن ۾ مسلمانن کي شهري جا حق حاصل ناهن، مسلمانن کي ڪيترين ئي جاين تي عبادت ڪرڻ جي به اجازت ناهي، ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف قانون بڻايا ويا، مسلمانن جو قتل ۽ انهن کي ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جو ذميوار قرار ڏيڻ اسلاموفوبيا جو اثر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.