تلهار ۾ واٽر سپلاءِ پاڻي جي فراهمي بند،شهرين جو احتجاج

تلھار ( رپورٽ: عاجز انور لاشاري  ) تلھار ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان واٽر سپلاءِ  جي پاڻي جي شھر ۾ فراھمي نه ھجڻ ڪري شھري مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا، ان سلسلي ۾ شھرين غلام نبي شاھ، رمضان، وسيم ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته چيئرميني دور جي شروع کان آخر تائين واٽر سپلاءِ  جي پاڻي نه ملڻ ۽ بدبوءِ دار پاڻي جون شڪايتون ڏيندا رھياسين، پر چيئرمين پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو، چيئرمين پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ذميواري چئي واپس موٽائي ڇڏيو،واٽر سپلاءِ  جون لائينون قديم پراڻي وقت کان لڳل ھيون جيڪي وقت سر سار سنڀال نه ھجڻ ڪري ٽٽي گٽرن سان ملي ويون آھن، جن مان ھاڻي گدلو بدبوءِ دار پاڻي ملي ٿو ، معصوم ٻار به بيماري ۾ وٺجي ويا آهنڊي سي بدين ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.