”مخالف اسان جو ڌيان ڪشمير ۾ جاري ظلم تان هٽائي جي ڪوشش پيا ڪن“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ مراد سعيد چيو آهي ته جيڪو عمران خان شروع ڪيو آهي اُهو وڏو جهاد ۽ جنگ آهي، هتي جيڪي ماڻهو توهان کي نظر پيا اچن اُهي جنگ جا مهرا ته ٿي سگهن ٿا پر اصل ڪردار اسرائيل ۽ انڊيا جو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران وفاقي وزير مراد سعيد پاڪستان جي خلاف ڀارتي سازشن جي حوالي سان ويڊيو به ڏيکاري ۽ چيو ته اسان سوال ڪيو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو اسرائيل ۽ انڊيا عمران خان جي خلاف مهم هلائي رهيا آهن؟ هن پاڙيسري ملڪ انڊيا جي ويڊيو ڏيکاري جنهن ۾ چيو پئي ويو ته پاڪستان ۾ عمران خان جي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، عمران خان جي ڪرسي هاڻ وڃڻ واري آهي.

مراد سعيد جو چوڻ هو ته نواز شريف جڏهن ڀارت ويندو هو ته حريت اڳواڻن سان ملاقاتون نه ڪندو هو، هن جو اِهو منصوبو آهي ته پاڪستان کي اندران ڪمزور ڪيو وڃي، پاڪسان ۾ اندر سازشون ڪيون وڃن، هي چاهن ٿا ته اسان ايترا ڪمزور ٿي وڃون جو ڪشمير تي جاري ظلم ڏانهن به ڌيان نه ڏئي سگهون.

وفاقي وزير چيو ته آئون هنن کان ٻه سوال ڪيان ٿو ته ڇا نواز شريف ڪنهن لابي ملاقات ڪئي هئي، جنهن جا 2 مقصد هئا ته هڪ ڪرپٽ کي جمهوريت جي چيمپئن طور پيش ڪرڻو آهي ۽ ٻيو پاڪستاني فوج جي خلاخ ڳالهائڻ.

سندس چوڻ هو ته ڊان ليڪس ڇو ٿيو، ڪشمير تي خاموشي ڇو؟ جڏهن ته ڪلڀوشن ۽ پٺاڻ ڪوٽ واري معالي تي خاموشي تي پاڪستان کي نقصان رسيو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.