لوڪ ادب صدين جو پڙاڏو قرار، سنڌيءَ کي ڪو خطرو ناهي:ڏوڪري لڳ تقريب

ڏوڪري (رپورٽ:قاضي آفتاب) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪانپور ۾ سگهڙ پيرل مڱريو جي ٽين ورسي تقريب ٿي گذري. ان موقعي تي ” موهن جو دڙو تهذيبي سگهڙ ڪانفرنس“ پڻ ڪوٺائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڪمشنر احمد سلطان کوسو، سلات جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري، ممتاز ملوڪ عباسي، سرفراز خان ٻگهيو، جنيد احمد مڱريو، پروفيسر عبدالوهاب مڱريو، مهتاب مڱريو ۽ ٻين خطاب ته سنڌي لوڪ ادب ۾ صدين جي تهذيب جو پڙاڏو آھي، لوڪ ادب جي هوندي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي ڪوبه خطرو ناهي، سگهڙائپ جو فن صدري خزانو آھي. جنهن ۾ مظلومن جو آواز، پورهيتن جو درد ۽ قومي محبت توڙي ايڪي اتحاد واري پيغام جو سمنڊ سمايل آھي، هنن چيو ته پيرل جو قلمي پورهيو سماجي بڇڙاين ۽ ڏاڍ ڏمر جهڙين قهري ڪاررواين کي روڪڻ سميت مسڪين مزدور ۽ پورهيتن جو آواز آھي، جيڪو اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجي رهيو آھي. ان موقعي تي مڱريا برادري پاران سگهڙ پيرل مڱرئي جي انقلابي تخليقن ۽ لوڪ ادب صنفن جو ٻيو ڪتاب ڇپرائڻ ۽ تاريخي شاندار مقبرو جوڙائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو، جڏھن ته سگهڙن جي سرواڻ استاد محمد ملوڪ عباسي ۽ سگهڙ پيرل مڱرئي جي شخصيتن بابت خاص سووينيئر ”عوامي سجاڳي“ جي مهورت پڻ ٿي جنهن دوران  سرفرازخان ٻُگهئي پاران ڇپايل سووينيئر جي سموري رقم رضاڪارانه طور ادا ڪئي وئي. ان موقعي تي سلات جي باني ۽ لوڪ ادب محقق عاجز رحمت الله لاشاري کي ”جديد تحقيق“، ممتاز ملوڪ عباسي ۽ مولابخش شيدي کي ”لوڪ ادب ڪارڪردگي“ ۽ سگهڙ محمد لقمان کوکر کي ”لائيف اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو. موهن جو دڙو تهذيبي سگهڙ ڪانفرنس ۽ ورسي تقريب ۾ سموري سنڌ، پنجاب، بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف ماڳن کان ڪهي آيل ڏات ڌڻي سگهڙن ممتاز ملوڪ عباسي، عاجزلاشاري، ميرشبيرعباسي، روشن علي ڪوري، الطاف حسين زهراڻي، مولابخش شيدي،اعظم مڱريو، غلام رسول مڱريو، حاڪم علي رند، ڏاڏو سوڀارو سومرو، راجاذوالفقار لغاري،امان الله  خاصخيلي، محمد ايوب واهوچو،عبداللطيف کوکر،محسن ٻرڙو، بخشل ٻرڙو،علي گوهر خاصخيلي،نظام الدين ماڇي، معشوق علي شيخ ۽ رستم علي بهڻ سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ڏات ڌڻين سنڌ جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن، وڏيراشاهي، ڪرپشن، لاقانونيت، انتهاپسندي، سماجي بُراين، بدامني، مهانگائي سميت ملڪ خلاف ٿيندڙ سامراجي سازشن ۽ دهشگرد واقعن خلاف نيُن نڪور تخليقُن جا بند ٽوڙي ڇڏيا. فني مڃتا ماڻيندڙ جئه رام جوڳي، قومي راڳي وقار ملاح ۽ صوفي راڳي صاحب خان جي سُرن، آلاپن، قومي گيتن ۽ سچل، حمل.باهو، بلاشاھ، لطيف سرڪار، شيخ اياز، استادبخاري، ملوڪ عباسي ۽ پيرل مڱرئي جون ڪافيون ڪلام ۽ انقلابي گيت ٻُڌندي سج اڀاريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.