خيرپور ضلعي ۾ يوٽيلٽي اسٽور عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل ، اٽو، کنڊ، گيهه اڻلڀ ٿي ويو

خيرپور ( رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو ) خيرپور  ضلعي ۾ يوٽيلٽي اسٽور فائدو نه ڏئي سگهيا،ڪنگري، گمبٽ، ڪوتڏجي نارو، فيض گنج. ٺري ميرواهه، ٽائون ڪميٽي راڻيپور ، ٻٻرلوءِ ، ٺيڙهي، پيرجو ڳوٺ، کهوڙا، اڪري چودگي، سوئي گيس، چونڊڪو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ قائم ڪيل يوٽيلٽي اسٽور عوام جي لاءِ بي لاڀ بڻيل آهن،  ان سلسلي ۾ وائيس آف خيرپور جي اڳواڻن علي احمد ميمڻ ، فياض خميساڻي، رِضا سومرو فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ حاجي امام بخش ڦلپوٽو ۽ سماجي اڳواڻ شهباز ڦلپوٽو، شيردل زاهد خان ڦلپوٽو ۽ ٻين خيرپور صحافين وٽ پهچي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت خيرپور ضلعي جي تعلقن، ٽائون ڪميٽين ۾ 74 کان وڌيڪ يوٽليٽي اسٽور قائم ڪيا ويا آهن، جن مان روز مرهه ۾ استعمال ٿيندڙ شيون ، گيهه، کنڊ، اٽو، پڻ اڻلڀ آهي گذريل ٻن  مهينن کان وٺي يوٽيلٽي اسٽورن تي وفاقي حڪومت کنڊ ، گيهه ۽ اٽو سپلاءِ نه ٿي ڪري جڏهن ته باقي شيون عام ضرورت ۾ جيڪي استعمال نه ٿيون ٿين جن ۾ صرف ، آئيوڊين نمڪ ۽ ٻيو خام مال پيل آهي، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورن تان گيهه ، کنڊ خريد ڪرڻ جي لاءِ وڃي ٿو ته انهن کي اهو چئي موٽايو وڃي ٿو ته وفاقي حڪومت  شگر ملن توڙي فلور ملن سان کنڊ ۽ اٽو خريد ڪرڻ جي لاءِ ڪا به ايگريمينٽ نه ڪري سگهي آهي هنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته خيرپور ۾ضلعي ۾ قائم ڪيل  74 يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽو کنڊ ۽ گيهه ڏنو وڃي ته جيئن غريب ۽ مذدور طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهون ان مان فائدو وٺي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.