نئون ڪوٽ مان 100ڪارڪنن جو قافلو ڪراچي پهتو

نئون ڪوٽ(ن ع آ) 18 آڪٽومبر تي پي ڊي ايم جي تاريخي جلسي ۽ ريلي ۾ شرڪت لاءِ نئون ڪوٽ مان هڪ ڪوچ ۽ ٻن ڪارن تي 100 ڪارڪن تي مشتمل قافلو پ پ سٽي صدر نور محمد منڌرو پ پ اڳواڻ اڳوڻي چيئرمين ٽائون ڪميٽي نئون ڪوٽ بابو سهيل احمد عارف اسحاق حنيف ڪنڀار ذيشان قائمخاني جي اڳواڻي ۾ پرجوش  نعرا هڻندو روانو ٿيو. ان موقعي تي پ پ ڪارڪن صحافين سان ڳالهائيندي چيو تـ اڄ 18 آڪٽومبر تي 13 سال بعد پ پ جي جمهوريت لاء جدوجهد جاري آھي، وفاقي سرڪار مهانگائي ڪري عوام کي تنگ ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.