خانپور مهر ۾ ناري تي ڪارنهن الزام، احتجاج

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمھر واسڻ ناري مسمات خيران شيخ جو مڙس جي ظلمن خلاف احتجاج، مڙس ڪوڙي  ڪارنهن الزام هيٺ  مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي مڙس ۽ سندس ساٿين خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. خبر موجب خانپورمهر جي شيخ محلي جي رهواسڻ ناري خيران شيخ پنهنجي ڀيڻ مسمات مکڻي ۽ ڀاء امان الله شيخ سان گڏجي پنهنجي مڙس طالب شيخ ۽ سندس ساٿين حاجي امين شيخ، امداد، الطاف شيخ، حسين شيخ ۽ ٻين خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي ناري خيران شيخ صحافين آڏو دانهيو ته سرحد واسي منهنجو مڙس طالب شيخ مونکان بدپيشو ڪرائيندو هو نه ڪرڻ تي منهنجي مٿان سخت تشدد ڪندو هو مڙس جي ظلمن کان تنگ اچي پنهنجي وڏي ڀيڻ مکڻي ۽ ڀاء امان الله شيخ وٽ پناه ورتي اٿم جنهن بعد منهنجي مڙس پنهنجي ساٿين سان گڏجي منهنجي مٿان منهنجي ڀيڻيوي سان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام هڻي مونکي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اهڙي دانهن کڻي اسين ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ خانپورمهر ٿاڻي تي پڻ وياسين پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري، مسمات خيران شيخ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدار مڙس سرحد واسي طالب شيخ ۽ سندس ساٿين خلاف ڪاروائي ڪري مونکي تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.