اسلام ڪوٽ ڀرسان نوجوان والد کان ناراض ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مهياري بجير جي جوڻيجا پاڙي ۾ 22 سالن جي شادي شده نوجوان بلاول جوڻيجو گهر اندر  چونئري ۾ رسو ٻڌي مبينا طور خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو اطلاع تي اسلام ڪوٽ پوليس پهچي ٽنگيل لاش لاهي اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،چيو وڃي ٿو ته نوجوان جي اٺ مهينا اڳ شادي ٿي هئي ۽ ٽئڪسي هلائي گذر سفر ڪندو هو، هوڏانهن پوليس موجب وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان جو والد سان پئسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان اڻبڻت ٿي هئي جنهن بعد نوجوان اھڙو قدم کنيو واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو سندس گهرواري کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.