سرحد لڳ گهر کي باهه، متاثرن جو احتجاج

سرحد (ن ع آ) سرحد ڀرسان ايريگيشن کاتي جي اهلڪارن داروغي نياز احمد دايو، ايس ڊي او عطاء الله ڪلوڙ، داروغو رمضان چاچڙ، ايس ايڇ  او سرحد بهار الدين ڪيريو سميت پورهيت ڀلو شيخ جي گهر کي ايريگيشن کاتي جي زمين تي قبضو ڄاڻائي گهر کي ڊاهي باه ڏئي ساڙي  ڇڏيو آھي، جنهن سبب پورهيت ڀلو شيخ جي گهر ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا جنهن سبب پورهيت ڀلو شيخ جي گهر واري مائي خيران  ۽ نياڻي بيهوش ٿي ويون  متاثر پورهيت ڀلو شيخ صحافين اڳيان دانهون ڪندي چيو آھي ته داروغي نياز احمد دايو مون کان ڇھ لک روپيه ورتا ۽ ھاڻي عجيب فرمائشون پوريون نه ڪرڻ تي هن ايريگيشن کاتي جي عملدارن ايس ڊي او عطاء الله ڪلوڙ، داروغي رمضان چاچڙ، ايس ايڇ او سرحد بهار الدين ڪيرو کي ساڻ ڪري هن جي گهر کي باه ڏئي ڪري الهه تلهه ساڙي ڇڏيو آھي هن چيو ته هاڻ منهجا ٻار ٻچا گهر جي ڇت کان محروم ٿي ويا آھن، جڏهن داروغي نياز احمد دايو ۽ ايس ايڇ او سرحد بهار الدين ڪيريو سميت اهلڪارن جي ظلمن خلاف پورهيت پنهنجن ٻچن سميت احتجاج ڪرڻ پهتو ته ان کي انصاف ڏيارڻ جي بجائي، پورهيت علي گل عرف ڀلو شيخ، حب علي پٽ علي گل عرف ڀلو شيخ، لالو ظفر وٽو، بشير احمد پٽ محمد ايوب مٿان سرحد ٿاڻي تي قبضي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته پورهيت جي گهر کي باه ڏيڻ واري واقعي جي ريڪارڊنگ لاء پهتل صحافي بابر مهر، ۽ عابد ميمڻ سان پڻ داروغي نياز دايو پاران بدڪلامي ڪري انهن جا موبائل به کسيا ويا، ۽ داروغي نياز دايو پاران صحافين کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون، داروغي جي اهڙي عمل تي سرحد جي صحافين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.