نوابشاهه ۾ بليڪ ميل ڪري عورت سان نڪاح، احتجاج

نوابشاهه ( ڊ ر ) نوابشاهه جي منو آباد واري علائقي جي رھواسڻ چئن ٻارن جي ماءُ صائمه زال محمد آصف قاضي نوابشاهه پريس  ڪلب پھچي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رڪشا ڊرائيور اسلام الدين عرف ارسلان آرائين 7 مهينا اڳ رڪشا ڊرائيور اسلام الدين عرف ارسلان آرائين سان ڪن ۾ سور سبب اسپتال ويس جتي دوا وٺڻ بعد مون کي نشي آور شئي کارائي بيھوشي بعد نامعلوم ھنڌ کڻي مون کي ٻه ڏينهن پاڻ ۽ پنھنجي دوستن ھٿان جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي منھنجون غير اخلاقي وڊيوز ٺاھيون ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ھن چيو ته ٻه ڏينهن گھر نه وڃڻ ڪري مڙس آصف قاضي به طلاق ڏئي ڇڏي آهي، جنھن بعد مان ھن وقت دربدري واري زندگي گذاري رھي آھيان جنھن بعد ٻيھر رڪشا ڊرائيور منھنجي چاچي خيرالنساء جي گھر پھچي مونکي وڊيوز وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون جنھن بعد مان مجبور ٿي ھن سان نڪاح ڪيو، هن مهيني بعد طلاق ڏني، هاڻي هو بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، پوليس مدد نه ٿي ڪري، انصاف نه مليو ته پاڻ کي باهه ڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.