خيرپور ۾ برسات جو ڀڳل ڪڻڪ جو ناقص ٻج وڪرو، آبادگارن جو مظاهرو

خيرپور (ڊر ) خيرپور جي زرعي مارڪيٽ پنجهٽي تي ڪڻڪ جو برساتي ڀڳل ۽ ناقص ڪڻڪ جي ٻج 50 ڪلو جو في ڪٽو 4 هزار روپين ۾ وڪامڻ لڳو ، جنهن عمل خلاف آبادگارن زرعي مارڪٽ پنجهٽي تي ٻنهي  طرفن کان روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي وڏيرو محرم خان هاليپوٽو ، استاد حيبب الله لاکو ، ايڊوڪيٽ مرزا ڪٽوهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن صحافين کي ٻڌايو ته زرعي مارڪيٽ پنجهٽي تي برساتي ڀڳل ناقص ڪڻڪ جو ٻج 50 ڪلو جو في ڪٽو 4 هزار روپين ۾ دوڪاندار وڪرو ڪري رهيا آهن، جيڪو پڻ دڪاندارن پنهنجي گدامن ۾  تيار ڪري ۽ زرعي مارڪيٽ ۾ وڪرو جي لاءِ رکيو آهي جيڪو پوکڻ سان ئي نه ٿو فٽي جنهن ڪري آبادگارن جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، انهن ٻڌايو ته زرعي کاتي جو عملو دوڪاندارن سان ٻٽ بڻيل آهي بغير ليبارٽري مان چيڪ ڪرڻ جي مارڪيٽ ۾ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته 6 مهينا اڳ ووئڻ جو ناقص ٻج وڪرو ڪيو ويو هو ۽ ضلعي انتظاميا ڪو به ڌيان نه ڏنو جنهن ڪري هڪ لک ايڪڙن تي پوکيل ووئڻ جو فصل سڙي ختم ٿي ويو ، هنن ڊي سي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.