ڏھرڪي: يوٿ فورم پاران بوائز ڊگري ڪاليج جي عمارت لاءِ احتجاج

ڏھرڪي ۾ يوٿ فورم پاران بوائز ڊگري ڪاليج ڏھرڪي جي عمارت لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

يوٿ فورم جي اڳواڻن پاران بائڪو پمپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي محمد دين راڄڙي، شعيب شر، عامر علي ڪيلاش، جميل سومري ۽ ٻين چيو ته 1990 کان ڊگري ڪاليج جي عمارت منظور ٿيل آهي پر سياسي مداخلتن سبب اڄ تائين ڪاليج جي عمارت تعمير ناهي ٿي سگھي.

احتجاج ڪندڙن چونڊيل نمائيندن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بوائز ڊگري ڪاليج جي عمارت تعمير ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ ميرپورماٿيلو ڊي سي آفيس تائين مارچ ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.