قائداعظم جي مزار تي نعريبازي، ن ليگ قيادت خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي جي ميمبر راجا اظهر قائداعظم جي مزار تي نعريبازي تي ن ليگ قيادت خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ن ليگ نائب صدر مريم نواز پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ اڄ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني ڪئي.

ان موقعي تي ڪيپٽن (ر) صفدر ڪارڪنن کان ”ووٽ کي عزت ڏيو“ ۽ ”مادر ملت زنده آباد“ جا نعرا هڻايا.

ن ليگ قيادت جي اهڙي عمل تي تحريڪ انصاف جي وفاقي وزيرن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو، جڏهن ته هاڻ تحريڪ انصاف صوبائي اسيمبلي ميمبر ليگي قيادت خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ايم پي اي راجا اظهر چيو آهي ته قائداعظم جي مزار جي تقدس جي پامالي تي ن ليگ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس.

سندس چوڻ هو ته مريم نواز، صفدر اعواڻ، نهال هاشمي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.