اسڪردو: لينڊ سلائيڊنگ سبب حادثي ۾ فوجي 4 جوانن سميت 16 ڄڻا فوت

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اسڪردو ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب پيش ايندڙ حادثي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان به شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب جگلوٽ – اسڪردو روڊ تي تنگس پري باغيچي ڀرسان وڏي لينڊ سلائيڊنگ ٿي ۽ راولپنڊي کان اسڪردو ويندڙ مسافر به به لينڊ سلائيڊنگ جي وڪڙ ۾ اچي وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو آهي ته لينڊ سلائيڊنگ سبب مسافرن سميت پاڪ فوج جا 4 جوان به شهيد ٿيا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿيندڙ سپاهين ۾ سونا خان، آصف، ارشد ۽ فاروق شامل آهن.

واضح رهي ته اڄ اسڪردو ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب مسافر سب کاهيءَ ۾ وڃي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جي 4 جوانن سميت 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.