پاڻ سڳورن صه جو روضو زيارت لاءِ کوليو ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) مديني شريف ۾ اڄ پهرين ربيع الاول کان ايس او پيز سان گڏ پاڻ سڳورن صه جو روضو مبارڪ زيارت لاءِ کوليو ويو آهي.

سعودي عرب جي  اسلامي معاملن بابت وزير موجب نمازي ڪورونا وائرس ايس او پيز سان مسجد نبوي صه ۾ عبادت ۽ پاڻ سڳورن صه جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪري سگهندا.

هوڏانهن شاهي هدايت تي مسجد قبا به اڄ کان نمازين لاءِ  کولي وئي آهي، مسجد روز فجر کان اڳ کولي ويندي ۽ ان کي عشاءَ کانپوءِ بند ڪيو ويندو.

ڪورونا ايس او پيز سان گڏ زائرين کي حرم شريف ۾ نماز طواف جي اجازت به ملي وئي آهي.

واضح رهي ته سعودي عرب اڄ کان عمري جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪئي آهي، جنهن تحت اڍائي لک مقامي شهرين کي عمزي جي اجازت هوندي.

سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت موجب ٻئي مرحلي ۾ زائرين کي ايپ ذريعي اجازت نامو وٺڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.