جان محمد سوسائٽي لڳ چورايل مينهون هٿ، جوابدار فرار ٿي ويا

جان محمدسوسائٽي (ن ع آ) عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌاماجي مان رات ديرسان نامعلوم چورن پاران پورهيت محمد حسن عباسي جي گهران چوري ٿيل مينهن جا پيرا ڳوٺاڻن ۽ عادلپور پوليس پاران ايس ايڇ او شاهد عطار جي اڳواڻي کنيا جيڪي ڳوٺ محمد علي لکڻ ۾ وڃي پيا جتان پوليس موجب تہ ڪمند جي فصل ۾ چورن پاران ٿم ٿيل مينهون هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪيون ويون آھن ۽ چور فرار ٿي ويا جڏهن تہ پورهيت محمد حسن عباسي ايس ايڇ او عادلپور  شاهد عطار جا ٿورا مڃيا.

سکر ۾ جشن ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾پرچم ڪشائي

سکر( رپورٽر) جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ شهر ۾ پرچم ڪشائي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. شهر جي ڪاروباري مرڪزن توڙي چوڪن چوراهن تي ساوا جھنڊا لڳايا پيا وڃن.انجمن گلستان رضا سکر پاران نصرت ڪالوني نمبر ٽئين ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي خوشي ۾ پرچم ڪشائي جي تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ظهور الدين انصاري، حافظ مستقيم قادري، عباس انصاري، حافظ اقبال احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته تمام گھڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته هن سال به اسان کي ربيع الاول جو مهينو نصيب ٿي رهيو آهي،حضرت محمد مصطفيٰ جي ڏسيل رستي تي اسان سڀني کي عمل ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.