خيرپور ۾ فيض گنج واسي جو ٻارڙن سميت بااثر خلاف احتجاج

خيرپور (ڊر )تعلقي فيض گنج ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ حاجي محمد معروف جي رهواسي گل محمد شر معصوم ٻارڙن نائلا ۽ غلام مصطفي شر کي ساڻ ڪري خيرپور۾ صحافين وٽ پهچي روئيندي ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي برادري جي فوج علي شر سندس ڀاءُ عبدالجبار، صدام حسين، فدا حسين وارن سان پراڻي تڪرار هلندڙ آهي، هو بااثرماڻهون آهن جنهن ڪري مون سان ڪو به انصاف نه ٿو ٿئي، هن ٻڌايو منهنجا ننڍڙا ٻار صبح جو سوير تيار ٿي اسڪول ۽ مسجد ڏانهن وڃن ٿا ته بااثر رستي تي بيهي معصومن تي ڪڏهن ڪتن جي بڇ ٿا ڪن ته ڪڏهن پاڻ رستي تي بيهي ٻارڙن تي تشدد ڪري واپس موٽائي ٿا ڇڏين جنهن ڪري منهنجي معصومن ٻارڙن جو مستقبل داع تي لڳي ويو آهي هن ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته ان معاملي جو نوٽيس وٺندي منهنجي ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.