گلشن غازي ۾ جبل ٽوڙڻ جو ڪم شروع، علائقي واسين ۾ خوشي

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) اسسٽنٽ ڪمشنر بلديه عبدالحنان ڀٽو گلشن غازي جي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو، پهاڙي ڇپ ٽوڙڻ جو ڪم شروع ٿي ويو، تازين برساتن سبب جبلن جي چوٽي تي وڏن پٿرن جي ڪري گهڻا خطرا هئا، ڪنهن به وقت پٿر آبادي تي ڪرڻ سان جاني نقصان جو انديشو هو، اي سي آبادي خالي ڪرائي لاڳاپيل ادارن جي مدد سان پٿر هٽائڻ جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو، ان موقعي تي سياسي اڳواڻ جمشيد ترين، اڪبر خان، ڊاڪٽر مراد ۽ ٻين پراڻو مسئلو حل ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر جو ٿورو مڃيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.