راڌڻ ۾ سنڌي ٻٽڙا ڀرسان رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

راڌڻ ( رپورٽر) راڌڻ پوليس جي حد  سنڌي ٻٽڙا پوليس پوسٽ  ڀرسان ڳوٺ   مرزا جوڳرو لڳ وليداد چانڊيو روڊ وٽ  رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾  موٽر سائيڪل سوار 22.سالا نعمان پٽ علي اصغر جوڳرو فوت ۽ رڪشا هلائنيدڙ  24 سالا محمد علي پٽ شاهنواز چانڊيو زخمي سيريز حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو  5.سالا ماجد پٽ امجد علي چانڊيو زخمي 27.سالا راحيلا زال امجد چانڊيو سخت زخمي جنھن کي ميھڙ اسپتال نيو ويو.

جوهي لڳ موٽر سائيڪل ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، عورت ۽ ٻارڙي سميت 3 زخمي

جوهي ( ن ع آ ) جوهي شھر ڀرسان گورک روڊ باءِ پاس جي سامهون  دلي گيٽ وٽ موٽر سائيڪل ۽ ڊاٽسن ۾ آمهون سامهون  زودار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتجي ۾ جوهي  لڳ ڳوٺ جمعو لغاري جا رهواسي دودو لغاري، مسمات سورتان، هڪ سال جي معصوم نياڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي واٽھڙو ماڻھن پاران بي هونشي حالت ۾  تعلقي اسپتال جوهي پهچايو، ٻئي طرف جوهي پوليس موجب ته  ڊاٽسن ڊرائيور زخمين کي ڇڏي موقعي واردات تان فرار ٿي ويا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.