پني عاقل لڳ مقتول پيءُ پٽ جي تدفين، گهر پٽ

پنوعاقل )ن ع آ)2 ڏينهن اڳ بائيجي ٿاڻي لڳ ماڪن جي ڳوٺ  ۾ شريف ڀيو جي مينھن واري واڙي جي ڀت ڪرڻ واري مامري تان  منھين جي پالنا ڪندڙ اربيلو چاچڙ ۽ ان جي پٽن جو ماڪن سان مامرو(جھيڙو) ٿيڻ ڪري گلشن ماڪو جي فائرنگ دوران اربيلو چاچڙ ۽ سندس 2 پٽ پرويز ۽ بيگ چاچڙ زخمي ٿي پيا،پرويز چاچڙ زخمن جا تاب نه سھندي واقعي واري ھنڌ فوت ٿي ويو،جڏھن ته سندن والد اربيلو ۽ بيگ چاچڙ تعلقه اسپتال آندا ويا،جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال نيو ويو ته اتي اربيلو به زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو،جڏھن ته بيگ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ۽ زيري علاج آھي، ھوڏانھون فوتين کي اباڻي مارخ ڳوٺ ۾سوين آلين اکين سان  جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊي ايس پي پنوعاقل سعيد احمد شيخ،ايس ايڇ او بائيجي شوڪت آرائين جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪرين مشين ساڻ ڪري گلشن ماڪو جو ويڙھي جو ڪوٽ  ڊاھي گھر ڀڃي ڇڏيا۽ ماڪا برادري جا ٽوٽل ماڻھون مرد عورتون ٻار پنھنجا گھر خالي ڪري ھليا ويا آھن،ان ڏس ۾ بائيجي پوليس جو چوڻ آھي ته مقتول اربيلو ۽ پرويز جي قتل ۾ ڄاڻايل جوابدار ٿاڻي تي  ھٿن ڏين نه ته کين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،ھوڏانھون اھي به اطلاع آھن ته مھين جي واڙي جي ڀت ڪرڻ دوران بي پردگي جي ڪري جان گلشن کي چاچڙن پاران مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري خوني واقعيو پيش آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.