ڪراچي ۾ اپوزيشن جو اڄ ٻيو پاور شو، انتظام مڪمل، سيڪيورٽي جا سخت انتظام

ڪراچي(رپورٽر) اڄ ڪراچي ۾ ٿيندڙ اپوزيشن جي حڪومت مخالف جلسي لاءِ مريم نواز ۽ قمر زمان ڪائره سميت ڪيترائي  اپوزيشن اڳواڻ اڄ ٻنپهرن جو ڪراچي پهچندا، پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪالهه شام ڪراچي پهچي ويو، ايئرپورٽ تي جي يو آءِ جي اڳواڻن هن جي آجيان ڪئي، جڏهن ته جناح باغ ۾ اسٽيج تيار ڪيو ويو، هزارين ڪرسيون به لڳايون ويون، پ پ جي ميزباني هيٺ جلسي لاءِ جهنڊا به لڳايا ويا، هوڏانهن پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو ته سياسي نظام ۾ مداخلت شروع کان رهي آهي، نوازشريف ماضي جي غلطين جو اقرار ڪري چڪو آهي، هن چيو ته وزيراعظم اڄ به اپوزيشن کي ڌمڪيون ڏنيون، اسان ڪنهن ڪيس ۾ رليف نه پيا گهرون، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حڪمران ايندڙ ڊسمبر نه ڏسندا، جعلي حڪمران پنهنجي انجام تي پهچڻ وارا آهن، هوڏانهن سنڌ سرڪار چيو آهي ته سليڪٽڊ 19 ڪووڊ 19 کان وڌيڪ خطرناڪ آهن، جن کي عوام جي مدد سان گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، پي ڊي ايم جي پهرين ئي جلسي سان پي ٽي آءِ قيادت جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، وفاقي حڪومت ڊسمبر ته ڇا لڳي ٿو ته نومبر ئي نه ڏسي سگهندي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي انفارميشن کاتي جي وزير ناصر حسين شاهه ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني ايم ڪيو ايم ڇڏي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندڙ اڳوڻي ايم اين اي منور لال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي منور لال چيو ته هو پ پ ۾ پنهنجي گهر موٽي آيو آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پي ڊي ايم جي پهرين جلسي سان ئي پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ،هي حڪومت ڊسمبر ڇا نومبر ئي نه ڏسي سگهندي،  پارٽي قيادت جڏهن استعيفائن جو فيصلو ڪيو ته هڪ سيڪنڊ به دير نه لڳندي پر ان کان اڳ پي ٽي آءِ وارا پاڻ استعيفائون ڏئي هليا ويندا، اهو تاثر غلط آهي ته پ پ وارا سنڌ حڪومت جي ڪري استعيفيٰ نه ڏيندا، هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته گجرانوالا جي جلسي سبب پي ٽي آءِ وزيرن جون ننڊون حرام آهن، هاڻي 18 آڪٽوبر جي جلسي سان سندس ڇا حالت ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.