ادارن خلاف زهر اوڳاڇڻ کي برداشت نه ڪيو ويندو: شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ ) وفاقي وزيرن چيو آهي ته گوجرانوالا جلسي ۾ دشمن جي زبان استعمال ڪئي وئي، بلاول ڀٽو کان اهڙي تقرير  جي اميد نه هئي، اسلام آباد ۾ وفاقي وزير شبلي فراز ۽ فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گوجرانوالا جلسي ۾ دشمن جي زبان استعمال ڪئي وئي، بلاول ڀٽو کان اهڙي تقرير جي توقع نه هئي، اوهان دشمن جي زبان استعمال ڪري رهيا آهيو، اپوزيشن جلسي ۾ڀارتي ايجنڊا تحت زبان استعمال ڪئي، اپوزيشن کي ناڪام جلسي مان سبق سکڻ گهرجي، گجرانوالا جي عوام ڪالهه اپوزيشن کي رد ڪري ڇڏيو، فواد چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان خالي ڪرسين کي خطاب ڪيو، پاڪستان جي ادارن تي تنقيد ڀارتي ايجنڊا آهي، ادارن ۾ ٽڪراءُ دشمن جي ايجنڊا آهي، مان نواز شريف جي ٻاهر وڃڻ جي خلاف هئس، نواز شريف کي لنڊن مان وطن واپس آندو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.