حڪيم سعيد جي قتل کي 22 ورهيه گذري ويا، قاتل پڪڙ ۾ نه آيا

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل سنڌ جي اڳوڻي گورنر حڪيم سعيد جي قتل کي 22 سال گذري ويا پر سندس قاتلن اڃا  ائين پڪڙ ۾ ناهن اچي سگهيا. سنڌ جي اڳوڻي گورنر همدرد فائونڊيشن جي باني ۽ مشهور سياسي شخصيت حڪيم سعيد کي 17 آڪٽوبر 1998 تي هڪ حملي ۾ قتل ڪيو ويوهو، ان حملي ۾ سندس نائبحڪيم عبدالقادر ۽ هڪ ملازم ولي محمد به مارجي ويا هئا.پوليس، ڳجهن ادارن ۽ پراسيڪيوشن موجب قتل ڪيس ۾ جن ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو، انهن جو واسطو الطاف حسين جي پارٽي ايم ڪيو ايم سان هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ سالن کان جاري رهندڙ هن ڪيس ۾ ڊگهي ڪارروائي بعد آخرڪار نامزد سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو هو. حڪيم سعيد کي 19 جولاءِ 1993 تي گورنر سنڌ مقرر ڪيو ويو هو، هو 23 جنوري 1994 تائين گورنر رهيو، کيس 1996 ۾ ستاره امتياز ۽ قتل بعد نشان امتياز سان به نوازيو ويو. بي بي سي رپورٽ موجب نواز شريف جي ان وقت جي حڪومت ايم ڪيو ايم کي قتل جو ذميوار سمجهي پئي، جنهن ڪري الطاف حسين سنڌ حڪومت کان ڌار ٿيو، لياقت جتوئي جي حڪومت ختم ٿي ته گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو. حڪيم سعيد جي نائب حڪيم منظور علي جو چوڻ آهي ته صبح جو سويري ٽي کان چئن گاڏين تي سوار ماڻهن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي، مون حڪيم سعيد کي زمين تي ڪرندي ڏٺو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.