غوثپور : نادر چولياڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو

غوثپور  ۾ ھڪ ھفتو اڳ سول ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ آيل مولا بخش عرف نادر چولياڻي  کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  مقتول جي وارثن الاهي بخش، امجد گل، بابو چولياڻي ۽معصوم ٻارڙن سميت ڳوٺ امام بخش چولياڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ، سندن چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب ھٿيار بند سري عام ھٿيارن  سان ڪورٽ سڳوري ۾داخل ٿي انهن  جي سامهون نوجوان کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ويا ، پوليس اهلڪارن اھڙي ڏوھ تي ڪابه مزاحمت نه ڪئي ۽ هن وقت تائين ڏوهه ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي  هنن  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ،ايس ايس پي ڪشمور امجد علي شيخ کان  مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.