قانون واري وزارت قانون جون متيون منجهائي ڇڏيون، بنا اشتهار وڪيلن کان خدمتون وٺڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزارت طرفان پيپرا قانون جي خلاف بنا اشتهارن جي وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

آڊٽ اختيارين تبديلي سرڪار جي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جو من پسند وڪيلن کي نوازڻ کان وٺي بار ايسوسيئيشن جي فنڊنگ ۽ ڀرتين جي اشتهارن تائين ڪچو چٺو کولي ڇڏيو.

آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته بنا اشتهار ڏني 487 وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون ۽ 58 لک کان وڌيڪ فيسون ادا ڪيونويون، بنا اشتهار وڪيلن جو خدمتون حاصل ڪرڻ پيپرا قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت وڪيلن جو خدمتون سال 2018-19 دوران حاصل ڪيون جڏهن ته ڀرتين جي لاءِ 6 لک کان وڌيڪ ماليت جا ٻه اشتهار جاري ڪيا پر ڀرتين جو عمل ٻئي ڀيرا نه ٿي سگهيو.

آڊٽ اختيارين مجاز آفيسر کان اشتهار جي مد ۾ خرچ رقم صول ڪرڻ جي سفارش ڪندي قانون واري وزارت طرفان 31 بار ايسوسيئيشن کي جاري فنڊن تي به اعتراض اٿاريو. هن چيو ته بار ايسوسيئيشن کي ٻه ڪروڙ 96 لک کان وڌيڪ جي رقم ڏني وئي پر انهن کان فنڊن جو آڊٽذ حساب نه ورتو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.