اسلام ڪوٽ ۾اسلم فقير جي بک هڙتال، سڄاڻ ڌرين جي شرڪت

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ ۾ راڳي اسلم فقير پاران بک هڙتال جاري،پي ٽي آءِ،عوامي تحريڪ ۽ بي ايف آءِ جي اڳواڻن پهچي يڪجهتي  جو اظهار ڪيو،اُنهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ جي نوجوان راڳي اسلم فقير پاران پاڙي جا بنيادي مسئلا حل نہ ٿيڻ پنجين ڏينهن بہ پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ جاري رکي،بک هڙتالي ڪئمپ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪرشن شرما،وڪيل لجپت سوراڻي،عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر اوڀايو جوڻيجو،ڪبير ڀيل،بي آءِ ايف جي مرڪزي صدر سورومل ڀيل،ايس ٽي پي اڳواڻ ڏيوجي ڀيل ۽ ٻين ڪئمپ تي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو،اڳواڻن گهر ڪئي تہ اسلم فقير جا بنيادي مسئلا حل ڪري سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي. ،اسلم فقير ٻُڌايو تہ پنج ڏينهن گذري ويا آهن پر ضلعي انتظاميا جو ڪو بہ ذميوار آفيسر لنگهي ناهي آيو،منهنجا بنيادي مسئلا حل نہ ٿيا تيستائين بک هڙتال جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.