جوهي-دادو روڊ تي حادثو، ٻارڙي ۽ ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي

جوهي (ن ع آ) جوهي-دادو روڊ تي ڳوٺ غلام حسين گاڏهي ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو  آهي جنهن جي نتيجي ۾  معصوم ٻارڙي ۽ ٻن عورتن سميت 5 زخمي ٿي پيا آهن. زخمين ۾ ھڪ سال جي معصوم نياڻي سونه سندس امڙ صغران ٻٻر,  هدايت زال عبدالواحد، ياسين ولد حسن ٻٻر ۽ اڪبر ولد ڪامل ٻٻر شامل آهن، جن کي تعلقي اسپتال جوهي پهچايو ويو آهي. سمورن زخمين جو تعلق ڪاڇي جي ڳوٺ مريد ٻٻر سان ٻُڌايو پيو وڃي. زخمي عورت ٻڌايو ته اسان وٽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪاڇي ۾ ڪا به سهولت نه هئڻ ڪري دادو وڃڻو پيو واپسي مهل حادثو پيش آيو آھي.  ٻئي طرف  تعلقه اسپتال جوهي پهچايل زخمين مان هڪ ڄڻي ياسين ٻٻر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.