بنگلاديش ۾ زيادتي جي 5 جوابدارن کي ڦاهي ڏيڻ جو حڪم

ڍاڪا ( م ڊ ) بنگلاديش ۾ 15 سالن جي نينگري کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جَي ڏوهه ۾ 5 ڄڻن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.  پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش ۾ ڊگهي احتجاج بعد جنسي زيادتي جي جوابدارن کي ڦاهي ڏيڻ جو قانون ڪجهه ڏينهن اڳ ئي منظور ٿيو هو. تلنگيان جي عدالت 15 سالن جي نينگري سان اجتماعي زيادتي جي جوابدار ساگر چندرا شيل، گوپي چندرا شيل، راجون چندرا، سنجيت چندرا ۽ موني رشي کي موت جي سزا ۽ هڪ هڪ لک رپيو ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو. 2012 ۾ متاثر ڇوڪري کي سندس دوست ساگر چندرا گهمڻ بهاني ندي ڪناري وٺي ويو، جتي مٿس لڪي شادي ڪرڻ جو دٻاءُ وڌو ۽ انڪار تي دوستن سان گڏجي اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.