ڪوٽڙي: وياج جي رقم نه ڏيڻ تي با اثر پاران نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

ڪوٽڙي ۾ وياج جي رقم نه ڏيڻ تي با اثر پاران نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، نوجوان پرويز مسيح کي ڪجھ ماڻهو تشدد ڪري مبينا اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته شهرين کيس ڇڏائي ورتو.اطلاع تي پوليس پهچي مبينا اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو، ايس ايڇ او ٻڌايو ته  جوابدارن کان پڇا ڪرڻ تي انهن مٿس به حملو ڪري ڏنو، جوابدارن جي جهيڙي بعد پوليس وڌيڪ نفري گهرائي کين لاڪ اپ ڪري ڇڏيو .ڪوٽڙي ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي مدعيت ۾حملي، اغوا سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو

ڪوٽڙي ٿاڻي تي نوجوان پرويز مسيح جي فرياد تي به  ڪيس داخل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.