”ڀارتي فنڊنگ سان بلوچستان ۾ دهشتگرد ٻيهر متحرڪ ٿيندا آهن“

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گهرو وزير مير ضيا لانگو چيو آهي ته دهشتگرد جتي به ڪا ڪارروائي ڪندا انهن جي خلاف اُتي ئي آپريشن ٿيندو.

مير ضيا لانگو ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن ڪوسٽل هاءِ وي تي افسوس جوڳو واقعو پيش آيو جنهن ۾ 7 ايف سي اهلڪار ۽ 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا، ان حملي جي ذميواري براس نالي دهشتگرد تنظيم قبول ڪئي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڳولا ۾ آهن، اڄ به تربت ۾ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو آهي.

مير ضيا لانگو چيو ته بلوچستان جو هڪ ئي دشمن ۽ ماسٽر مائنڊ ۽ سهولتڪار آهي، ڀارت سالياني 5 سئو ملين ڊالر بلوچستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ خرچ ڪندو آهي، ان ڪري دهشتگرد ٻيهر متحرڪ ٿين ٿا، طاقتور دشمن ملڪ جي ڪوششن باوجود اسان دهشتگردي کي ڪنٽرو ل ڪيو آهي، گذريل ٻن سالن ۾ صوبي ۾ دهشتگردي ۾ گهٽتائي آئي آهي پر اسان دهشتگردي کان مڪمل پاڪ قرار نٿا ڏئي سگهون.

 صوبائي وزير جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ 7 سئو ڪلو ميٽر جي سرحد پاڙيسري ملڪن سان لڳي ٿي ان ڪري گڏيل آپريشن نٿو ٿي سگهي، دهشتگرد جتي به ڪا ڪارروائي ڪندا اسان انهن جي خلاف اُتي ئي آپريشن ڪنداسين، مڪران ڊويزن ۾ وڌيڪ ڪارروائيون سي پيڪ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.