نوابشاهه: گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي نوابشاهه ۾ سرڪاري اسپتالن جي  او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري  ايم ايس آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي مظھر عباسي، اسلم قريشي ، در محمد بهراڻي ، اڪبر شاهه ، ۽ ٻين چيو ته ڪورونا وائرس ختم ناهي ٿيو پر سنڌ حڪومت ڪورونا جي مد ۾ صرف ٽن مهينن تائين 17 هزار روپين وارو الائونس ڏئي بند ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪورونا جو ملندڙ الائونس ڏنو وڃي،  ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.