ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان نينگر پراسرار بيماري سبب اکين جي نور کان محروم

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ رمضان ورڙ واسي مرحوم محمد حسين ورڙ جو يتيم 10سالن جو ٻارڙو رجب علي ورڙ اکين جي پراسرار بيماري سبب ٻنهي اکين جي نور کان محروم ٿي ويو، جڏھن ته نينگر جي بيواھه مسڪين امڙ ماتلي ۽ حيدرآباد سميت مختلف اسپتالن مان معصوم پٽ جي اکين جو وس آهر علاج ڪرايو پر ڪٿان به فرق ناهي ٿي سگهيو مسڪين خاندان مدد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهي، ان سلسلي ۾ سندس امڙ زينب ورڙ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته لڳ ڀڳ نئون سال اڳ منهنجي معصوم پٽ جي پيدائش بعد ٻنهي اکين جي نور کان محروم ٿي ويون، آئون مسڪين غريب بيواهھ عورت پنهنجي معصوم پٽ جي علاج جي خرچ لاءِ پئسو نه هئڻ ڪري گهر ۾ بيٺل چوپايو مال وڪرو ڪري سندس علاج لاءِ حيدرآباد ۽ ماتلي سميت مختلف شھرن مان علاج ڪرايو پر سندس اکين جو نور واپس ناهي اچي سگهيو، آخرڪار ڊاڪٽرن چيو ته نينگر جو علاج ڪرائڻ لاءِ اوهان کي ڪراچي پرائيويٽ اسپتال وڃڻو پوندو، هن چيو ته اڳ به بکون ڪاٽي رهيا آهيون غريب آهيان، هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن هي معصوم به عام انسانن جيان زندگي گذاري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.