سيوهڻ ۾ ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جي عطئي لاءِ ڪئمپ قائم

سيوھڻ (ن ع آ) سيوھڻ ۾ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان موٽروي پوليس پاران ھڪ ڏينھن لاءِ ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جي عطيئي جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنھن ۾ ايس پي موٽروي سميت 50 کان وڌيڪ اھلڪارن رت جو عطيو ڏنو. ان سلسلي ۾ ايس پي موٽروي اشتياق احمد آرائين ٻڌايو ته رت جي عطيئي ڏيڻ سان انساني حياتين کي بچائي سگھجي ۽ ان سان انسان جي جسم به تندرست رھي ٿو، اسان جي مختلف بيٽس مانجھند ۽ حيدرآباد ۾ موٽروي جا جوان رت جو عطيو مختلف ٿيليسيميا اسپتالن ۾ جمع ڪرائيندا اسان روڊن تي بيھي انسانن جي جانين جي لاء ڊيوٽيون ڏئي رھيا آھيون ۽ ھي به ھڪ فلاحي ڪم آھي جيڪو اسان جاري رکنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.