اسلام ڪوٽ ۾ اسلم فقير جي بک هڙتال، ايم پي اي پهتو

مٺي(بيوروچيف) اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو نوجوان راڳي اسلم فقير پاران پاڙي جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ ڪالھه چوٿين ڏينهن به جاري رهي، جتي اسلم فقير سميت برادري جي ماڻهن ۽ ساٿين احتجاج ڪيو. اُن سلسلي ۾ پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، سُشيل ملاڻي، ڪامريڊ ننڌلال مالهي ٻيا احتجاجي ڪئمپ تي پهتا، پ پ اڳواڻن پاران جائز مسئلا جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ويئي ۽ چيو ته جلد پاڙي جو دورو ڪري مسئلا حل ڪيا ويندا،.راڳي اسلم فقير چيو ته پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي باوجود منهنجي پاڙي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو،چار سالن کان آسرن تي هلايو ويو، پاڙو هلي وزٽ ڪري ڏسو ته ڪهڙي حالت آهي،مونکي نالي ۽ روڊ ٺهرائي ڏنو وڃي، ڪم شروع نه ٿيڻ تائين احتجاج جارر رهندو. ٻئي پاسي اڳوڻي يوسي ناظم گهنشام داس پارواڻي به ڪئمپ تي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسلم فقير جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.