خانپور مهر ۾ آبادگارن جو زراعت کاتي ۽ ڊيلرن خلاف ڌرڻو

خانپورمهر (رپورٽ:ميهر مهر) خانڳڙھ تعلقي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ آبادگار زرعي ڊيلرن توڙي زراعت کاتي خلاف  هٿن ۾ سڪل ۽ سڙيل وونئڻ کڻي روڊن تي نڪري آيا، هاري آبادگار ايڪشن ڪاميٽي ضلعي گهوٽڪي جي سڏ تي آبادگارن غلام سرور عباسي. مير احمد مهر. ڪامريڊ بادل ملڪ. محمد خان شر. ستار گھوٽو. اڪرم ميتلو. حافظ عبدالغفور گڏاڻي ۽ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، آبادگارن ٺڪراٺو بس اسٽينڊ کان هٿن ۾ بينر ۽ سڙيل ۽ سڪل وونئڻ کڻي ريلي ڪڍي تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ شريڪ آبادگارن زراعت کاتي توڙي زرعي ڊيلرن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي،  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته هٿ وٺي غير معياري دوائون ۽ٻج ڏنا ويا جنهن ڪري ڦٽي جو فصل تباهه ٿي ويو. هنن چيو ته زراعت کاتي جي نااهلي سبب لکين ايڪڙ ايراضي تي ڦٽي جو فصل اڇي مک سبب تباهه ٿيو آهي، زراعت کاتي جي نااهلي سبب زرعي ڊيلرن هٿ وٺي ووئڻن جو فصل تباھ ڪرائي ڪروڙين روپين جو نقصان ڪرايو آهي، آبادگارن مطالبو ڪيو ته زراعت کاتي توڙي خانپورمهر جي زرعي ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي، هوڏانهن ٻن ڪلاڪن تائين آبادگارن جو ڌرڻو جاري رهيو پر انتظاميا توڙي زراعت کاتي جو ڪو عملدار مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ نه پهتو، جڏهن ته آبادگار مايوس ٿي ڌرڻو ختم ڪري روانا ٿي ويا.

لاڙڪاڻي لڳ آبادگارن کي فائدي ڏيڻ بابت سيمينار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ گاداڻي ۾ خانگي رچنا ايگري بزنس ڪمپني  طرفان زميندارن ۽ ھاري کي زراعت مان فائدو پهچائڻ لاءِ سيمينار ٿيو جنهن ۾ پاڪستان حڪومت جي اداري فيڊرل سيڊ کان رجسٽرڊ ٿيل معياري ۽ اعليٰ قسم جا ٻج مھيا ڪندڙ رچنا ايگري بزنس ڪمپني جي ٻجن جي ڄاڻ ڏني وئي. سيمينار ۾ بريفنگ ڏيندي رچنا ايگري بزنس جي نمائندي سيلز آفيسر محمد يونس شاھاڻي ۽ سيلز آفيسر ساجد علي چيو ته پاڪستان ۾ گذريل31 سالن کان رچنا ايگري بزنس ڪمپني پنهنجون سروسز زميندارن ۽ ھارين لاءِ مھيا ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري سٺي پيداوار حاصل ڪري زميندار ۽ ھاري خوشحالي واري زندگي گذاري رھيا آھن. . سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ زميندارن ۽ ھارين جو چوڻ ھو ته اسان رچنا ڪمپني ٽماٽي جا ٻج پوکي سٺي ۽ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪنداسين. سيمينار زميندارن ۽ ھاري نظام الدين کوکر، بخت علي کوکر، وڏيرو شبير احمد کوکر، علي شير چانڊيو، علي شير پتافي، حبدار علي چانڊيو، بخت علي چانڊيو، دودو خان کوکر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.