ڪوٽ غلام محمد ۾ٽائون عملي جو پگهارن لاءِ احتجاج

ڪوٽ غلام محمد (ن ع آ ) ٽائون جي ڪچي طور ڀرتي ڪيل سنيٽري ورڪرن جو نيشنل پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪندي ملازمن آصف مسيح .طارق مسيح .اڪبر مسيح ،مرڪس مسيح ،۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان گذريل 15 سالن کان ڪچي طور صفائي جو ڪم ڪري رهيا آهيون،شهر ۾ اسان برساتن دوران ڏينهن رات هڪ ڪري شهر کي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي شهر کي صاف ستهرو رکيو ،هنن چيو ته محرم هجن ،برساتون هجن آندهي هجي يا طوفان اسان پنهنجيون ڊوٽيون ايمانداري سان ڪندا پيا اچون پر اسان کي اڄ ڏينهن تائين پڪو نه ڪيو ويو ۽ نه ئي اسان کي پگهارون ملي رهيون آهن ،هنن چيو ته اسان کي پگهارون به ٻين شهرن جي ملازمن کان گهٽ ڏنيون وڃن ٿيون شفيد پوش ملازمن کان صفائي ڪرائي وڃي.

ڊکڻ ۾ ويڳي ماءُ خلاف پٽ جو احتجاجي مظاهرو

ڊکڻ ( ن ع آ ) ڊکڻ شهر جي شيخ محلا واسي دڪاندار سيد اقبال احمد شاھ پريس ڪلب ڊکڻ  پهچي ويڳي ماءُ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو،جيڪو ويڳي ماءُ خلاف دانهون ڪري رهيو هو،ان موقعي تي دانهيندي الزام هڻندي شيخ محلا واسي دڪاندار سيد اقبال شاھ چيو ته منهنجي والد   غلام مصطفي شاهه 2014 ۾  فوت ٿيڻ بعد اسانجي ويڳي ماءُ  رشيده خاتون  منهنجي والد جي سکر واري گهر ۾ رهندي هئي،اسانجي ويڳي ماءُ سکر واري گهر واري ملڪيت ڀڳڙن مٺ عيوض وڪرو ڪري ڇڏي آهي، جگهه جا ڪاغذ مون وٽ موجود آهن جيڪا گڏيل ملڪيت آهي،اسانکي حصو به نه ٿي ڏيڻ چاهي،  مان مسڪين آهيان، ايس پي سکر. عرفان سمون نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

پني عاقل ٻيٽن تي قبضي خلاف مزاحمتي مشاعرو

پنوعاقل (پ ر) سنڌ جا ٻيٽ  وفاق حوالي ڪرڻ واري آرڊيننس جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت پاران قديمي ۽ تاريخي ڳوٺ  چيچڙو ۾ "مزاحمتي مشاعرو” ، شاعرن قومي ۽ مزاحمتي شاعري پيش ڪري پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ۽ محبت جو اظهار ڪيو، پڌرائي موجب سنڌي ادبي سنگت شاخ چيچڙو پاران سنڌ جي قديمي ۽ تاريخي ماڳ چيچڙو ۾ تڏهوڪي درياھ ھاڪڙو ۾  سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل  پريل دايي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سڄاڻ شاعر ڊاڪٽر وحيد سمائر  خاص مهمان هو، محفل ۾ فياض سمائر، اختر علي "اختر”,  گلزار ساگر ، فقير الھ بخش ۽ ٻين سنڌ جي ٻيٽن، کيٽن ،ٻنين مالي وسيلن جي مالڪي لاء ڌرتي سان محبت جي اظهار طور مزاحمتي ۽ قومي شاعري پيش ڪئي. محفل  ۾ صوفي راڳي الھ بخش الستي قومي گيت ڳائي سنڌ جي حفاظت لاء جاکوڙ جو اتساھ اڀاريو.  پريل دايي محفل ۾ ڳالهائيندي چيو ته” هڪ اديب تي تخليقي صلاحيتن ذريعي قوم ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ذميواري ٿئي ٿي،   قوم جي حقن، انگن، ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاء ادبي سنگت پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري ۽ ان کان لاتعلق رهجي وڃي ايئن ٿي نه ٿو سگهي،  سنڌ  سان تعلق رکندڙ ملڪ جو صدر، جيڪو صدر ٿيڻ کان اڳ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مختلف ماڻهن ۽ ميڊيا مرڪزن ۾ ايندو هاڻي آئنده ڪهڙي منهن سان ايندو، هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت  صدارتي آرڊيننس واپس ٿيڻ تائين مظاهرن، مشاعرن، مذاڪرن ۽ ٻين طريقن سان پنهنجو مزاحمتي ڪردار ادا ڪندي رهندي.

جيڪب آباد ۾ هٿيار رکڻ تي 3 جوابدارن کي 5-5 سال قيد جي سزا

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت غير قانوني طور ھٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي 5/5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت بغير لائسنس ھٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن عبدالنبي، علي حيدر ۽ مير حسن بروهي کي 5/5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي واضح رهي ته 4 مئي 2016 تي مولاداد پوليس ڳوٺ مولا بخش بروهي تي ڇاپو هڻي مٿي ڄاڻايل ٽن جوابدارن کي ٽن ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪري ورتو ھو ٽنھي جوابدارن خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

سانگهڙ ۾ جيل قيدين کي مفت تعليم ڏيارڻ بابت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ريجنل ڊائريڪٽر طرفان ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنت سان ملاقات

سانگهڙ (ڊ ر)سانگهڙ جي ڊسٽرڪٽ جيل اندر قيدين کي مفت تعليم ڏيارڻ بابت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي حيدرآباد جي ريجنل  ڊائريڪٽر نياز علي ماڪا ۽ سانگهڙ جي ڪوآرڊينيٽر خالد نديم ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ جي ڊپٽي جيل سپرنٽيڊنٽ امتياز علي رند سان  سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان دوران ريجنل ڊائريڪٽر چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي پروگرام تحت جيل اندر قيدين کي مفت تعليم ڏياري پئي وڃي ته جيئن جيل اندر قيدي پنهنجي تعليم کي جاري رکي سگهن، هن چيو ته اها تعليم ميٽرڪ، انٽر ۽ بي اي تائين هوندي ۽ جيل اندر ئي امتحاني سينٽر قائم ڪيو ويندو ۽قيدين کان امتحان به جيل اندر ورتا ويندا هن چيو ته اها تعليم مفت هوندي جنهن سان قيدي فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.