عمر ڪوٽ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس ۽ آمري ۾ ٽراما سينٽر جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ سرڪار عمرڪوٽ ۾ زرعي يونيورسٽي جي ڪئمپس لاءِ 54 ايڪڙ، لاڙڪاڻي ۾ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج لاءِ 100 ايڪڙ  زمين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت ۾ لينڊ ريزرويشن ڪميٽي جو اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾  ٿيو. اجلاس ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاھد پرويز، ڪمشنر ڪراچي محمد سھيل راجپوت سميت لاڳاپيل کاتي جا سيڪريٽري شريڪ ٿيا جنھن ته ڊويزنل ڪمشنر ۽ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ صوبي جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري زمين عوامي مقصد لاءِ مختلف سرڪاري ادارن لاءِ رکڻ جي منظوري ڏني وئي.  اجلاس ۾ عمرڪوٽ ۾ زرعي يونيورسٽي جي ڪئمپس   لاءِ 54 ايڪڙ ، انڊس ھائي وي تي آمري وٽ ٽراما سينٽر   لاءِ 1 ايڪڙ زمين، لاڙڪاڻي ۾ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج جي لاءِ 100 ايڪڙ زمين، ڪراچي ويسٽ ضلعي ۾ قبرستان لاءِ 4 ايڪڙ زمين  ۽ سنڌ ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي مڪلي ۾ آفيس جي لاءِ به زمين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه چيو ته ٿر ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي ڪئمپس کان پوءِ زرعي يونيورسٽي جو ڪئمپس پڻ قائم ڪيو پيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته انڊس ھائي وي تي انساني زندگيون بچائڻ لاءِ ٽراما سينٽر ٺاھي رھيا آھيون. چيف سيڪريٽري سنڌ گھرو کاتي ۽ تعليم کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايت ڪندي چيو  ته ايندڙ اجلاس ۾ ٺٽي ۾ ھائي سيڪيورٽي جيل ۽ بدين ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي لاءِ زمين جا ايجنڊا رکيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.