سنڌ جي اسپتالن کي تالا، مريض تڙپي تڙپي مرڻ لڳا، صحت کاتي کي هوش نه آيو

ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي احتجاج سبب هزارين مريض دربدر آهن، او پي ڊي بند  هئڻ سبب نوشهروفيروز ۾ ڊليوري لاءِ آندل عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به ينگ ڊاڪٽرن ۽ پئرا ميڊيڪل عملي پاران لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن چانڊڪا ٽيچنگ، شيخ زيد چلڊرين، شيخ زيد وومين ۽ سول اسپتال جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري سٽي او پي ڊي ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو . گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي سکر جي  سرڪاري اسپتال ۾ 3 ڏينھن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. نوشهرو فيروز سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊليوري لاءِ آيل عورت علاج نه ٿيڻ ڪري ٻار سميت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، وارثن احتجاج ڪندي  ڊاڪٽرن تي لاپرواهي ۽ غفلت جو الزام هنيو آهي. نيو جتوئي جي رهواسڻ مسمات گلشاد بيگم کي ڊليوري جا سور ٿيڻ ڪري سول اسپتال نوشهروفيروز جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتي گذريل ڏينهن کان پيراميڊيڪل عملو او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج تي ويٺل هيو ته ۽ ڊاڪٽرن پاران عورت جو علاج نه ٿيڻ ڪري هڪ ڪلاڪ تائين تڙپندي ٻار سميت فوت ٿي وئي.  پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سول اسپتال سکر ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ حڪومت پاران هيلٿ الائونس ختم ڪرڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه، مٺي، شڪارپور، نئون ديرو،  ڏهرڪي، مبارڪپور،  ميان صاحب، ڊگهڙي، مانجهند، منهڙو، سوڀوديرو، گهوڙا ٻاري، جوهي، ڊرگهه بالا  ۽ ٻين شهرن ۾ به پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.