سنڌ سرڪار پاران زرعي قرض نه ڏيندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ سرڪار  زرعي قرض نه ڏيندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت زرعي ترقياتي بينڪ جي عمل  تي سخت ردعمل جو اظھار ڪندي چيو آھي ته صوبائي حڪومت   سنڌ جي ڪنهن به  آبادگار تي قرض جو ڪيس داخل نه ڪندي. زراعت کاتي جي  صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو   چيو  ته سنڌ ۾ برساتن سبب غريب آبادگارن جا فصل تباهه ٿي چڪا آهن، زرعي قرض ۽ ٽيڪس معاف ڪيا وڃن، وفاقي حڪومت آبادگارن مٿان قرض ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ چاھي ٿي، سنڌ حڪومت وفاق جي اھڙي فيصلي تي عمل نه ڪندي.  صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت آبادگارن جي مدد لاءِ ته نه پهتي پر انهن کي جيل ۾ وجهڻ لاءِ پهچي وئي. هن  چيو ته عمران خان پنهنجي اي ٽي ايم ۽ فنانسرز جا ته اربين روپين جا ٽيڪس ۽ قرض معاف ڪري ڇڏيا، پر تباهه ٿيل آبادگارن جا ڪجهه هزارن جا قرض به حڪومت تي ڳرا پئجي ويا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.