نوڪيا جا ٻه نوان 4 جي فيچر فونز اوهان کي ضرور پسند آيندا…!

نوڪيا پنهنجا 2 نوان فيچر فونز چين ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن جن ۾ 4 جي سپورٽ به ڏني وئي آهي.

نوڪيا 215 فور جي ۽ 255 فور جي ۾ وي او ايل ٽي اي ۽ ايڇ ڊي ڪالز سپورٽ به موجود آهي.

ٻئي فونز پولي ڪاربونيٽ سان تيار ڪيا ويا آهن ۽ گھڻي حد تائين هڪ جهڙا ڊزائين ڪيا ويا آهن، پر 225 فور جي فيچرز ۽ ڊزائين جي لحاظ کان ڪجهه بهتر آهي.

ٻنهي فونز ۾ ايف ايم ريڊيو، ايل اي ڊي فليش لائيٽس ۽ اسٽوري ۾ واڌ لاءِ مائڪرو ايس ڊي سلاٽس ڏنا ويا آهن.

نوڪيا 225 فور جي ۾ بيڪ تي وي جي اي ڪيمرا ڏني وئي آهي جيڪا 215 فور جي ۾ موجود نه آهي.

ڪمپني موجب نوڪيا 225 فور جي ۾ بيٽري لائيف وڌائيندڙ چپ سيٽ کي ڏني وئي آهي.

نوڪيا 215 فور جي بليڪ ۽ گرين رنگن ۾ دستياب هوندو جنهن جي قيمت 289 چيني يو آن (7 هزارپاڪستاني رپيا) رکي وئي آهي.

اها فون 14 آڪٽوبر کان چين ۾ واپيدارن لاءِ دستياب آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ نوڪيا 255 فور جي جي قيمت 349 يو آن (8 هزار 5 سئو رپين کان وڌيڪ) هوندي ۽ اها 17 آڪٽوبر کان دستياب هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.