قومي ناڻو ڦريندڙ رڳو اين آر او جي ڳولا ۾ آهن: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته قومي دولت ڦريندڙ رڳو اين آر او جي ڳولا ۾ آهن.

وزير اعظم عمران خان سان پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مليڪ قومي معاملن ۽ آئيني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پارلياماني معاملن واري صلاحڪار وزير اعظ۾ کي پارليامينٽ جي انيدڙ سيشن ۽ نئين قانون سازي تي بريفنگ ڏني.

وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اداري قوم کي پيارا آهن، پاڪستان کي مستحڪم رستي آڻي ڇڏيو آهي، مني لانڊرز معيشت کي تباهه ڪيو پر اسان سنڀالي ورتو، قومي ناڻو ڦريندڙن رڳو اين آر او جي ڳولا ۾ آهن.

بابر اعواڻ جو چوڻ هو ته ادارن جي خلاف نظريو ڪنهن صورت ملڪي ۽ قومي مفاد ۾ ناهي، عوام رياستي ادارن سان گڏ بيٺل آهي ڀرپور دفاع ڪيو ويندو، بهتر معاشي قدمن جي ڪري حڪومت درست رخ ۾ اڳتي وڌي چڪي آهي، درست پاليسين ۽ عوامي مفادن جي قانون سازي سان  مثبت نتيجن جي اميد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.