”جيڪڏهن عوام غلط ماڻهن کي چونڊي پارليامينٽ ۾ آڻي ٿو ته عدالت مداخلت ڇو ڪري“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن عوام غلط ماڻهن کي چونڊي پارليامينٽ ۾ آڻي ٿو ته عدالت مداخلت ڇو ڪري.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي طرفان نائب صدر کي عهدي تان هٽائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هڪ شخص ذاتي حيثيت ۾ اٿي سڄي ملڪ جي وڪيلن جي چونڊيل نمائندن تي عدم اعتماد ڪيئن ٿو ڪري سگهي، پارليامينٽ ميمبر 22 ڪروڙ عوام جا چونڊيل نمائندا آهن ۽ سڀاڻي هڪ شخص اٿي چئي سگهي ٿو ته مان پارليامينٽ کي نٿو مڃان.

هن چيو ته عدالتن کي سڀني چونڊيل نمائندن کي عزت ڏيڻي پوندي ۽ سڄي دنيا ۾ ائين ٿي رهيو آهي، ڇا عدالت سپريم ڪورٽ بار جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سڀني 22 چونڊيل نمائندن تي عدم اعتماد ڪري، ڊي سيٽ ڪيل نائب صدر ته اپيل ڪئي ئي ناهي پر عدالت ۾ اچي ويو آهي.

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن توهان اهو ٿا چئو ته ڏيڍ لک وڪيلن غلط ماڻهن جي چونڊ ڪئي ته انهن کي ڪرڻ ڏيو، جيڪڏهن عوام غلط ماڻهن کي چونڊي پارليامينٽ ۾ آڻي ٿو ته عدالت مداخلت ڇو ڪري.

پوءِ عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان وڌيڪ دليل طلب ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.