ڪراچي: ڇوڪرن کي هراسان ڪندڙ ناري جيل حوالي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقامي عدالت ڇوڪرن کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪندڙ ڇوڪريءَ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي روبرو ڇوڪرن کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪندڙ ڇوڪريءَ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار ناري خلاف طاهر نالي شخص ڪيس داخل ڪرايو هو، ناري غير اخلاقي تصويرون ٺاهي بليڪ ميل ڪري رهي هئي، سندس موبائل فون مان بليڪ ميل ڪرڻ واريون ۽ غير اخلاقي ويڊيوز هٿ ڪيون ويون آهن.

عدالت سميرا نالي جوابدار کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، گڏوگڏ جاچ آفيسر کي جاچ مڪمل ڪري چالان جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.