حڪومت طرفان نواز شريف جي گرفتاري لاءِ برطانوي اخبار ۾ به اشتهار ڏيڻ جي درخواست

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طلبي جي معاملي تي لنڊن جي ٻن اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.

اسسٽنٽ اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ متفرق درخواست جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت 7 آڪٽوبر جي آرڊر ۾ جنگ ۽ ڊان ۾ اشتهار ڇاپرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

وفاق طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف برطانيا ۾ آهي، تنهن ڪري سندس طلبي لاءِ برطانوي اخبارن ۾ به اشتهار ڏنا وڃن.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته نواز شريف جي طلبي لاءِ ڊيلي ٽيلي گراف ۽ ڊيلي گارجين ۾ به اشتهار ڇپرائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.