شاهپور چاڪر: پيپلزپارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي

شاھپور چاڪر (ن ع آ)شاھپور چاڪر پيپلزپارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي،  جيالا احتجاج ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب پهچي ويا. جنھن ۾ ٽائون ڪميٽي شاھه پورچاڪر ۽ يونين ڪائونسل دائم ڌامراھه جي پارٽي ورڪرن اڳوڻي چيئرمين عبدالغفار عمراڻي نوٽيفيڪشن لسٽ ۾ سينئر نائب صدر سائينداد ڏاھري، جونيئر نائب صدر شڪيل ڀٽي، يو سي دائم ڌامراھه جي جنرل سيڪريٽري عبدالغني ڏاھري سخت احتجاج ڪندي ڪانفرنس ڪندي عھديداري وٺڻ کا انڪار ڪندي چيو ته ٽائون ڪميٽي شاهه پور چاڪر جو پ پ جو صدر سرڪاري ملازم ۽ يوسي دائم خان ڌامراھه جو صدر سرڪاري ملازم مقرر ڪيا ويا آهن. پ پ جا  نظرياتي ورڪرن آھيون، قربانيون ڏيندڙن جي حق تلفي ڪئي وئي آهي. جيڪڏھن پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت نوٽيس نه ورتو انھن سرڪاري ملازمن کي پيپلزپارٽي جي عھدن تان ھٽايو نه ويو ته پيپلزپارٽي جا جيالا لائحه عمل جوڙي سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.