”سهولتون ڏيو“ ڪراچي سبزي منڊي جي واپارين جو مطالبو

گڏاپ (ن ع آ)ڪراچي سبزي منڊي جي تاجرن پاران سبزي منڊي ۾ پاڻي گيس بجلي سميت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪراچي سبزي منڊي ڪراچي ويجيٽيبل ٽريڊرز ويلفيئر فيڊريشن پاران آل پاڪستان ايگريڪلچر ٽريڊرز فيڊريشن جي صدر ملڪ  سوهني خان جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. تقريب ۾ ڪراچي مارڪيٽ ڪميٽي چيئرمين علي احمد  جوکيو، محمد عظيم خان، زاھد اعواڻ، لالا مظفر خان، شاهجهان شاهه جي، حاجي باشا گل، حاجي عبدالرئوف تنولي، عبدالواحد، بادشاهه ناالله ۽ عبدالوحيد سميت وڏي انگ ۾ تاجرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي تاجر برادري جي تنظيم جي اڳواڻ محمد عظيم خان چيو ته هاڻي پاڻي سر کان چڙي ويو آهي 20 سال گذري ويا آهن تاجر سبزي منڊي ۾ بجلي، گيس، پاڻي جي سهولت کان محروم آهن اسان جي ڪو ٻڌڻ وارو ناهي جيڪڏهن سهولتون گهرڻ ڏوهه آهي ته اسان تاجر اهو ڏوهھ ڪندا رهنداسين. تقريب کي خطاب ڪندي مارڪيٽ ڪميٽي چيئرمين علي احمد جوکيو چيو ته سبزي منڊي جي ترقيءَ لاءِ اسان سڀ ڪجھ ڪري رهيا آهيون هي پراڻا مسئلا آهن جيڪي حل ٿيڻ جوڳا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.